الطاف قادري

الطاف قادري: ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ مترجم الطاف حسين ولد ميان غلام عباس قادري 1927ع ۾ ميان جي ڳڙهي پاڙي، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ 1946ع ۾ علي ڳڙهه مان ڪيائين. جڏهن ته گريجويشن 1951ع ۾ ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1953ع ۾ سنڌ روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ٿيو. هن مختلف عهدن تي ذميواريون نڀايون. سيڪريٽري سنڌ گورنمينٽ، ميمبر بورڊ آف روينيو اينڊ لينڊ يوٽلائيزيشن ڊپارٽمينٽ ۾ 1988ع تائين رهيو. سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”مجموعه درد“ جي نالي سان 1947ع ۾ ڇپيو. ساڳئي سال سندس ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”حسنِ خيال“ جي نالي سان ڇپيو. هن 1953ع ۾ انگلينڊ جي مشهور مصنف ٿامس مور جي باتصوير مثنوي ”لاله رخ“ جو ترجمو ڪيو. هن ڪتاب جا هينئر تائين 3 ايڊيشن اچي چڪا آهن.
الطاف قادريءَ جي ڪهاڻين ۾ سندس دور جي حالتن، مختلف تحريڪن وغيره جي جھلڪ به نظر اچي ٿي. هو علمي ادبي گھراڻي سان واسطو رکي ٿو. سندس خاندان ۾ ٽي صاحب ديوان شاعر ٿي گذريا آهن. ناليواري ڪهاڻيڪار جناب اياز قادري جو تعلق به ساڳئي خاندان سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.00.00  عيسوي

الطاف قادري: ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ مترجم الطاف حسين ولد ميان غلام عباس قادري 1927ع ۾ ميان جي ڳڙهي پاڙي ، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيلاني سيد محمد صالح اصغر
ابو دلف
سليم سهتو پروفيسر
جابر بن حيان
پير جعفر علي شاهه
تسليم دارا
ٻڍو بالادي
اخلاق حسين
تنيو نذير احمد
جتي ستي جمال شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون